سڪرنڊ ڀرسان ٽينٽ سٽي قائم، طبي ڪئمپ به لڳائي وئي

سڪرنڊ  (ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان سرهاڙي روڊ تي پاڪ فوج پاران اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 کان وڌيڪ ٽينٽن تي  مشتمل ٽينٽ سٽي قائم ڪري ورتي آهي. جتي ڪئمپن ۾ موجود ماڻهن کي کاڌ خوراڪ سميت طبي سهولتون پڻ مهيا ڪيون پيون وڃن. جنهن دوران اڄ ڪئمپ تي پاڪ آرمي طرفان مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي . جتي ٽينٽ سٽي ۾ موجود برسات متاثرن ۽ آس پاس جي ماڻهن سميت 900 کان وڌيڪ مريضن کي چڪاس بعد دوائون ڏنيون ويون. ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن کي ضروري استعمال جو سامان پڻ مهيا ڪيو ويو ۽ کين 15 ڏينهن جو راشن پڻ ڏنو ويو. ان موقعي تي پاڪ آرمي سڪرنڊ جي انچارج ٻڌايو ته برسات متاثرين جي پاڪ آرمي هر طرح جي مدد ڪري رهي آهي. ٽينٽ سٽي ۾ موجود ماڻهن کي رهائش سميت کاڌي پيتي جون شيون ڏنيون وڃن ٿيون. پاڪ آرمي پنهنجي ماڻهن سان ڏکئي وقت ۾ گڏ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.