اڏيرو لال جا ڪيترائي علائقا ٻڏل، متاثر لڏپلاڻ ڪري روڊن تي ويٺل

اڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال) تعلقي مٽياري جي ڇهن يونين ڪائونسلن اوڏيرولال وليج، يوسي اوڏيرولال اسٽيشن، يوسي ڀائو  خان پٺاڻ، يوسي محمد حسين هنڱورو، يوسي عرضي ھڪڙا، يوسي شير محمد ٺوڙها ۽ ٽائون ڪميٽي اوڏيرولال اسٽيشن جي مختلف ڳوٺ طاهر هنڱورو، عرضي ھڪڙا، درياءَ خان ڏاهري، هاشم ساند، عبدالرحيم هنڱورو، رهاڻ مري، اوٺو مري، ڍالو خاصخيلي، چنيسر خاصخيلي، غلام رسول هنڱورو، تاج محمد ھنڱورو، سچو ابڙا، الھ بخش ميرجت، محمد ابڙا، غازي خان ساھوال، ميانداد ساھووال، موليڏنو ميرجت، گامون ميرجت، گولو ميرجت، جمعا خان بلوچ، فارسي فارم، الهجڙيو بالادي، حاجي شهوڪ، بهريون، کدري، کورکاڻي، امير بخش هنڱورو، دين محمد ھنڱورو، سونو هنڱورو، شير محمد ٺوڙها، درِياء خان ٽالپر، الھبچايو کوسو، خليفو يار محمد شاھ سميت سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻهو ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪري روڊن تي اچي ويا آهن. برسات سبب هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن . ۽ هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ مري چڪو آهي، برسات متاثرن علي ڏاهري، گلزار شاھ، ذوالفقار هنڱورو، مرتضي هنڱورو، شعيب بلوچ، شريف ساهووال، قادر ساهووال، ڊاڪٽر شوڪت راجپوت ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو آهي ته برسات سبب اسان جي ڳوٺن جا هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ مري چڪو آهي ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته چونڊيل نمائندن، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سميت ضلعي انتظاميا پڻ صرف فوٽو سيشن تائين محدود آهي ۽ برسات متاثرن لاءِ ايندڙ امداد پڻ مخصوص ماڻهن کي ملي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.