سکر ۾ جهنگي جيوت کاتي جي ڪارروائي، 2 ناياب نسل جا باز هٿ

سکر(رپورٽر) جهنگلي جيوت کاتي سکر جو ڳجهي اطلاع تي بس تي ڇاپو، ڪارروائي دوران 10 لک ماليت جا 2  ناياب نسل جا باز  هٿ، خبر موجب وائلڊ لائيف کاتي سکر جي ٽيم بائي پاس نيشنل هاءِ وي تي ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ بس تي ڇاپو هنيو تلاشي  دوران بس ۾ لڪائي 10 لک روپيا ماليت کان وڌيڪ جا ناياب نسل جا 2 باز  هٿ ڪري ورتا ويا آهن، ڪارروائي جي حوالي سان وائلڊ لائيف کاتي سکر جي ڊپٽي ڪنزرويٽر  عدنان خان جو چوڻ هو ته ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، بس ڪراچي کان اسلام آباد طرف وڃي رهي هئي. ڳجهن دٻن ۾ لڪائي باز پشاور منتقل ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.