علي آباد ڀرسان روڊ حادثو، نوجوان فوت، ٻيو زخمي

مانجهند  (ن ع آ) علي آباد ڀرسان انڊس هاء وي تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ انڙپور جي ڪچي جو ٻوڏ متاثر 25 ورهين جو نوجوان شوڪت ڦرياڻي کوسو موقعي تي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ٻوڏ متاثر ڪيمپ تي پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو خاڻوٺ پوليس موٽر سائيڪل کي تحويل ۾َ وٺي  ڇڏيو جڏھن ت سوار برما باگڙي کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.