اسلام ڪوٽ ۾ بااثر خلاف احتجاج، نينگر کي گم ڪرڻ جو الزام

اسلام ڪوٽ(ت ر ) بااثرن خلاف ڪاروائي ڪريو معصوم اعظم کي بازياب ڪرايو،اسلام ڪوٽ  ۾  درس برادري جي ماڻهن ۽ ٻين ڳوٺاڻن  جو بااثرن ۽  پوليس جي  خلاف ٻي ڏينهن به  احتجاج،پريس ڪلب آڏو ڌرڻو.سخت نعريبازي،اڄَ مک مارڪيٽ ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،انهي سلسلي ۾ ڳوٺ ڪنڀاريو جي درس برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻهن  وريام درس، الطاف، بهادر، صدر،، ممتاز،، لياقت،انور،گمشاد علي،پريمون ڀيل،ارجن ،ڦوٽو  ۽ ٻين پاران ڪالھ ٻي ڏينهن تي به  پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري شام جو  ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئي،اۡنهي موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي سمان برادري جي بااثر  وڏيرن ۽ ساٿين هڪ ڏينهن اڳ لٺين ۽ ڪهاڙين سان   هلان ڪري غريب پورهيت  وريام درس جي ٻنيء کي ڀيلائڻ بعد معصوم پٽ اعظم علي   کي گۡم ڪري ڇڏيو آهي،اسين ڪالھ کان بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج ڪريون پيا پوليس وٽ به دانهي رهيا آهيون پر پوليس بااثرن جي ونگاري بڻجي خاموش تماشو ڏسي رهي آهي معصوم ٻار ٻن ڏينهن کان لاپتا آهي مائيٽ سخت پريشان آهن ٻي پاسي اسلام ڪوٽ پوليس موجب احتجاج ڪندڙ ٻار جي گم ٿيڻ وارو اجايو الزام هڻي رهيا آهن انهي  ڳالھ ۾ ڪابه صداقت نه آهي ڌرين ۾  گئوچر جي  زمين پوکڻ تان  تڪرار هلندڙ  آهي  ڌرين ۾َاناءۡ جو مسئلو آهي باقي اهڙو ڪو خاص مسئلو نه آهي پوليس ڪنهن جي به ڌر نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.