ڀان سيد آباد: ٻوڏ وهڪري سبب گرڊ اسٽيشن پاڻي هيٺ اچي وئي، 8 فيڊر بند

منڇرڍنڍ کي لڳل گھارن جو پاڻي ڀان سيد آباد گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ سبب سموري شهر جي بجلي بند ٿي وئي.

اطلاع ملندي ئي پاڪ آرمي جي ٽيڪنيڪل ٽيم ۽ سيپڪو عملو ٻيڙي ذريعي گرڊ پهچي سسٽم کي بند ڪيو.

ٻوڏ وهڪري سبب گرڊ اسٽيشن ۾ 8 کان 10 فٽ پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته ڀان سيد آباد سوڌو 8 فيڊرز مڪمل طور بند ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.