پي ٽي آءِ جي 11 ايم اين ايز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي 11 قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفيٰ جي منظوري ۽ ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس اطهر من الله نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ ايم اين اي شڪور شاد جي درخواست تي حڪم جاري ڪيا ويا.

قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ 11 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو هو.

علي محمد خان، فضل محمد خان، شوڪت علي، فخر زمان خان، اعجاز شاهه، جميل احمد، اڪرم چيما، عبدالشڪور شاد، فرخ حبيب، شيرين مزاري ۽ شاندانه گلزار جون استعيفائون منظور ڪيون ويون هيون.

انهن 9 تڪن ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ٻوڏ سبب ملتوي ڪئي وئي آهي ۽ انهن تي عمران خان پي ٽي آءِ اميدوار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.