ڪراچي: 10 ورهين جي ٻارڙي ڪرائي دار هٿان جنسي زيادتي کانپوءِ قتل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪشمير ڪالوني ۾ 10 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو.

اهو افسوسناڪ واقعو محمود آباد ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، پوليس واردات ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ مقتوله جي پاڙيسري کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار متاثر خاندان جو ڪرائي دار آهي.

پوليس موجب ڪشمير ڪالوني جي گهٽي نمبر 3 جي رهواسي پرويز جي 10 ورهين جي ڌيءَ دعا فاطمه گهڻي دير کان گم رهي ته انهن سندس ڳولا شروع ڪري ڇڏي، انهن ٻارڙي کي ڪرائي دار جي گهر ڳوليو ته ان جو تشدد ٿيل لاش مليو، جنهن کي فوري طور جناح اسپتال نيو ويو، جتي ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻارڙي کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو، جسم جي ٻين حصن کانسواءِ ٻارڙي جي ڪنڌ تي به تشدد جا نشان آهن، پوسٽ مارٽم ۽ موت جي تفصيلي رپورٽ لاءِ مختلف نمونا حاصل ڪيا ويا آهن.

ٻارڙي سان زيادتي جي وڌيڪ تصديق لاءِ ڊي اين اي پروفائلنگ ۽ ڪراس ميچنگ لاءِ به سيمپل حاصل ڪيا ويا آهن.

محمود آباد پوليس موجب واردات ۾ ملوث جوابدار ذيشان راجپوت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.