ڪورونا ۽ آپگهات جي رجحان ۾ واسطو! ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

آمريڪي ۽ برطانوي ماهرن لانگ ڪووڊ ۽ آپگهات جي ڳانڍاپي تي تحقيق ڪئي جنهن ۾ خبردار ڪيو ته جيئن وقت تي انتظام نه ڪيا ويا ته سڄي دنيا ۾ حالتون ڳنڀيرٿي وينديون

لانگ ڪووڊ جي اصطلاح ڪورونا جو شڪار انهن مريضن لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي جيڪي صحتيابي کان پوءِ به مختلف بيمارين جو شڪار رهندا آهن

تازو ماهرن جي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته لانگ ڪووڊ جو شڪار ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ 200 مختلف طبي شڪايتن جو شڪار رهندا آهن جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڳنڀير مسئلا سامهون ايندا آهن

لانگ ڪووڊ جو مطلب آهي ته ڪورونا کان صحتيابي کان پوءِ به ڇهن مهينن کان اڍائي سال تائين ڪورونا جهڙين نشانين سميت ٻين طبي ڏکيائين کي منهن ڏيندا آهن، جڏهن ته ماهرن موجب 15 ڪروڙ ماڻهو هن وقت به لانگ ڪووڊ جو شڪار آهن

لانگ ڪووڊ جو شڪار ماڻهن ۾ ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ به وڌيڪ هوندو آهي. جنهن سبب انهن ۾ آپگهات جو رجحان به وڌيڪ آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۽ برطانيا جي ڊيٽا ڪليڪشن ايجنسي جي ماهرن لانگ ڪووڊ ماڻهن ۾ آپگهات جي وڌندڙ رجحان بابت تحقيق شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻنهي ۾ ڳانڍاپو دريافت ڪيو آهي.

ماهرن موجب درجنين اهڙا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ لانگ ڪووڊ جو شڪار ماڻهن ۾ مسلسل بيمار رهڻ بعد زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي

انهن ماڻهن ۾ ڪيترائي شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيندا آهن ۽ ڪجهه جسم کي ناڪارا سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن

ماهرن موجب لانگ ڪووڊ جو شڪار ماڻهن ۾ آپگهات جو وڌندڙ رجحان ڳڻتي جوڳو آهي ۽ ان حوالي سان وقت سر انتظام نه ڪيو ويو ته خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻا پوندا

رپورٽ ۾ 20 مختلف اسپتالن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته حيران ڪندڙ ڪورونا جو شڪار مريضن جي ڀيٽ ۾ صحتيابي بعد لانگ ڪووڊ کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي ذهني دٻاءُ جو علاج ڪرڻ جي جلد ۽ گهڻي ضرورت محسوس ٿي

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته انگ اکرن مان ڄاڻ ملي آهي ته لانگ ڪووڊ جو شڪار ماڻهن 90 ڏينهن ڊپريشن جون دوائون واپرائيندا آهن جڏهن ته ڪورونا جي مريضن کي ڊپريشن جي علاج جي ضرورت نه پئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.