مٺي جي مختيارڪار ٻوڏ متاثر کي ڀت جي ٿيلهي تي فخر سان فوٽو ڪڍرائي ورتو

مٺي (ويب ڊيسڪ) ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميا ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بدران اُنهن سان مذاق شروع ڪري ڇڏيو آهي.
مختيارڪار مٺي غلام مصطفىٰ کوسي نئوڪوٽ-مٺي روڊ تي کلي آسمان هيٺ جهريل جهونپڙي اڏي ويٺل هڪ ٻوڏ متاثر غريب پورهيت کي ڀت جي ٿيلهي ڏئي وڏي فخر سان تصوير ڪڍرائي ميڊيا کي جاري ڪرائي ڇڏي آهي.

ٿرپارڪر جي انتظاميا ڪروڙين رپيا بجيٽ ۽ امدادي سامان ملڻ جي باوجود ٻوڏ متاثرن جي ڪا به مدد ناهي ڪئي جنهن سبب هزارين ٻوڏ متاثر خاندان کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.