ٿري ڊي افيڪٽس فيچر واري وڊيو رڪارڊنگ عينڪ متعارف

مشهور سوشل ميڊيا ايپ سنيپ چيٽ جي مک ڪمپنيءَ ٿري ڊي افيڪٽس واري عينڪ ٺاهي ورتي آهي.

سنيپ چيٽ جي مک ڪمپني پاران وڊيو رڪارڊنگ وارو جديد ترين فيچر سان سلهاڙيل عينڪ ٺاهي آهي جنهن کي اسپيڪٽيڪلز 3 جو نالو ڏنو ويو آهي

رپورٽ موجب ان عينڪ کي وڊيو رڪارڊنگ جا ٿري ڊي افيڪٽس وجهي تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان جو اگهه به هوش اڏائيندڙ آهي.

جديد ترين سن گلاسز جو اگهه ٽي سو اسي ڊالرز رکيو ويو آهي جيڪو گذريل سن گلاسز جي اگهه کان ڊبل آهي.

ڪمپني موجب انهن سن گلاسز کي سرءُ جي موسم ۾ متعارف ڪيو ويندو پر واهپيدار اڳواٽ بڪنگ ڪري سگهن ٿا

ڪمپني طرفان سن گلاسز بابت ٻڌايو ويو آهي ته جديد فيچرز وجهي ان کي خوبصورت بڻايو ويو آهي جنهن ۾ رائونڊ لينسز ۽ ٿري ڊي ڪيمرا لڳايا ويا آهن.

ڪمپني پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته پراڻي اسپيڪٽيڪلز جي ورزن ۾ نارنگي ۽ نيري رنگ جا فلٽرز وڌا ويا جڏهن ته نئين ماڊل ۾ بليڪ اينڊ وائيٽ سميت روز گولڊ جا فلٽرز به شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.