سلمان خان سان دوستي، شهناز گِل وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اها ڪا راز جي ڳالهه ناهي ته بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ۽ اداڪارا شهناز گل جي گهري دوستي آهي.

ٻئي اداڪار پهريون ڀيرو بگ باس 13 جي سيٽ تي مليا، شو ختم ٿي ويو پر انهن جو گهرو رشتو قائم آهي.

پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ شهناز گل انڪشاف ڪيو آهي ته مان سلمان خان کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا مان سکي، اُها اِها آهي ته ڀلي ڪجهه به ٿئي اسان کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش جاري رکڻ گهرجي.

سندس موجب سلمان خان مون کي ٻڌايو ته مان زندگي ۾ سخت محنت ڪري اڳتي وڌي سگهان ٿي، هو منهنجي تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪندو آهي.

هن چيو ته مان پنهنجي ڀرپاسي ۾ موجود ماڻهن کان سکندي آهيان، اڳتي وڌندي آهيان، ڪنهن به انسان کي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڇڏڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.