ڪراچي ۾ سخت گرمي، اڳتي موسم ڪيئن رهندي؟ اهم خبر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ سخت گرمي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ به گرميءَ جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 40.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته شهر ۾ ايندڙ ٽي ڏينهن به موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ 12 وڳي ڪراچي جو گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ گرمي جي شدت 43 ڊگري سينٽي گريڊ محسوس ڪئي وئي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 3 ڏينهن دوران شهر ۾ گرمي پد 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.

هوڏانهن اڄ کان 14 سيپٽمبر دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين ۽ ميرپورخاص ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.