ڪراچيءَ ۾ اورنج لائين بس سروس شروع، ڪرايو گهڻو ۽ سهولتون ڪهڙيون اٿس؟ ڄاڻي وٺو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سُڌسماءُ ۽ ٽرنسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي شهرين لاءِ اورنج لائين بي آر ٽي بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.

اورنج لائين جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ اورنج لائين عوام لاءِ کولي وئي آهي، ٻوڏ صورتحال سبب تقريب سادگي سان ڪوٺائي وئي آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته اورنج لائين بس سروس جو ڀاڙو 10 کان 20 رُپيا آهي ۽ چار اسٽيشنز اٿس، پيٽرول مهانگو ٿيڻ باوجود موجودا حالتن کي نظر ۾ رکندي گهٽ ڀاڙو رکيو ويو آهي.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اورنج لائين پروجيڪٽ جون بسون جديد ترين آهن ۽ ان رٿا جي سئو سيڪڙو لاڳت پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت کنئي آهي.

شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي واسين کي جلد ٽرانسپورٽ جي تمام وڏي خوشخبري ملندي جنهن بابت کين آگاهه ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.