ڪراچيءَ ۾ گرمي جي شدت وڌي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ گرمي پد اڄ 42 سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته موسميات کاتي موجب سنڌ جي راڄڌاني ۾ٽن ڏينهن دوران موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي جو گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ گرمي جي شدت 43 ڊگري سينٽي گريڊ جي محسوس ٿي رهي آهي.

سنڌ جي راڄڌاني ۾ هوا ۾ گهم جو تناسب 29 سيڪڙو هي ۽ اتر اولهه کان هلڪي رفتار ۾ هوائون گهلي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.