سيوهڻ سان دادو ۽ ڀان جو زميني رابطو ڪٽجي ويو

سيوھڻ (ن ع آ)سيوھڻ جي ڪرمپور ڀرسان ايل ايس بچاءُ بند کي ڏنل ٻن ڪٽن بعد دادو، ڀان سميت ٽلٽي. ٻنڀا، وڏيون مناھيون ۽ ويھڙ سميت سوين ڳوٺن جو سيوھڻ سان زميني رابطو ڪٽجي ويو ۽ ڪٽن واري جاءِ تي سرڪاري طور ٻيڙين جو انتظام نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته ڪٽ واري جاءِ تي پرائيويٽ ٻيڙين وارا متاثر ماڻهن کي ٻنهي ھٿڻ سان لٽي رھيا آهن ۽ مسافرن کان ٻئي پاسي سيوھڻ ۽ ٽلٽي ڪراس ڪرائڻ جا ھڪ کان 2 سئو رپيا ورتا پيا وڃن پر انتظاميا ان مسئلي طرف ڪو به توجهه نه ڏنو آهي، جنهن ڪري ٻيڙي مافيا عوام کي ٻنهي ھٿن سان لٽڻ ۾ مصروف آهي. متاثر عوام مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور سرڪاري ٻيڙيون مقرر ڪري عوام کي ڪراين ۾ رليف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.