اينٽي ڪرپشن پنجاب فرح گوگي خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو

لاهور ( م ڊ) اينٽي ڪرپشن پنجاب اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، فرح خان خلاف فيصل آباد ۾ غيرقانوني طور تي 10 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائڻ جو الزام هو، زمين الاٽ ڪرائڻ لاءِ فرح گوگي ۽ سندس ماءُ جي نالي تي ڪمپني ٺاهڻ جو الزام هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته فرح گوگي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ جاچ  فيصل آباد مان لاهور منتقل ڪئي وئي، اڳوڻي ڊي جي منظور ناصر جاچ دوران فرح گوگي کي بي ڏوهه قرار ڏنو، ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حڪم جاري ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.