اورنج لائين اڄ کان ڪراچي جي عوام لاءِ کولي ويندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر ) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اورنج لائين (بي آر ٽي عبدالستار ايڌي) اڄ کان ڪراچي جي عوام لاءِ کولي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته اورنج لائين ڪراچي جي عوام لاءِ سنڌ حڪومت جو پروجيڪٽ آهي، ان جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبي مان روزانو هزارين شهري فائدو حاصل ڪري سگھندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب اورنج لائن جي افتتاحي تقريب انتهائي سادگي سان منعقد ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جا شهري  اڄ کان جديد سفري سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.