منڇر ۾ ٻيهر خطرناڪ چاڙهه، سيوهڻ ۽ ڀان ۾تباهي،350 ڳوٺ ٻڏي ويا

سيوھڻ/ڀان سيد آباد (رپورٽ: خالد ميمڻ+آدم مينگل)سيوھڻ ۾ ايل ايس بچاءُ بند وٽ ڏنل ٻن ڪٽن مان پاڻي جو وھڪرو تيزي سان سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ٿيڻ باوجود  منڇر جي پاڻي ۾ گھٽتائي نه اچي سگهي، منڇر جي سطح هڪ ڀيرو ٻيهر 124 آر ايل ٿي وئي، صورتحال خطرناڪ حد طرف وڌڻ لڳي، سيوھڻ تعلقي جون 10 يوسيون ٻڏي ويون. رپورٽن موجب منڇر ڍنڍ کي آر ڊي 50 ۽ 52 بوبڪ بند، آر ڊي 14 ۽ 15 باغ يوسف، زيرو پوائنٽ ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارن ۽ سيوھڻ لڳ ايل ايس بچاءُ بند وٽ آر ڊي 99 ۽ 100 وٽ ڪٽ ڏيڻ  باوجود به منڇر جي پاڻي ۾ لاٿ نه اچي سگهي، منڇر جو پاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر چڙهي ويو آهي، جتي پاڻي سطح ٻيهر 124 آر ايل ٿي وئي آهي.هوڏانهن ايل ايس بچاءُ بند وٽ آر ڊي 99 ۽ 100  کي ڏنل ٻن ڪٽن مان پاڻي جو سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ جاري آھي. مليل ڄاڻ موجب منڇر جي پاڻي سطح ۾ گھٽتائي نه اچي سگهي آھي ۽ ھن وقت منڇر 124 آر ايل تائين چاڙھ برقرار آھي ۽ منڇر جو پاڻي 4 جاين اڙل ھيڊ, اڙل ٽيل ۽ ايل ايس جي ڏنل ٻن ڪٽن ذريعي درياه ۾ وڃي رھيو آهي. منڇر جو پاڻي سيوھڻ تعلقي جون 9 يوسين کي متاثر ڪرڻ بعد آخري يونين ڪائونسل شيخ ۾ به داخل ٿي ويو آهي جڏهن ته ڀان سيدآباد ڀرسان يوسي شيخ جا مختلف ڳوٺ محمد عثمان سولنگي, غلام حسين لغاري, لڙھ ماڇي سميت ٻيا ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته يوسي شيخ جي ٻھراڙي ۾ ھر طرف پاڻي ئي پاڻي آھي.  منڇر جي تباهڪارين سبب سيوھڻ تعلقي جون سموريون 10 يونين ڪائونسلون ٻوڏ جي پاڻي جي زد ۾ اچي چڪيون آهن، جنھن ڪري 350 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿي چڪا آهن ۽ سيوھڻ جي مختلف ڳوٺن آراضي، ٽنڊو شھبازي، باغ يوسف،  بوبڪ،  رحيم بخش بڙدي، ٻلھڻ سميت ٻين ڳوٺن ۾ 8 کان 10 فٽ پاڻي بيٺل آهي. ٻئي طرف ضلعي توڙي مقامي انتظاميا پاران ٻيڙيون نه ملڻ سبب متاثرن تائين کاڌ خوراڪ پھچائڻ وڏو مسئلو بڻيل آھي، جنھن ڪري ڳوٺاڻن کي پريشاني جو منھن  ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.