ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي  ڪالهه مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچي پريس ڪلب آڏو اعجاز سامٽيو، جگديش آهوجا، منير مگسي ۽ منير نائچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اعجاز سامٽيو، جگديش آهوجا  منير مگسي منير نائچ ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت اڃان تائين ٻوڏ متاثرن کي ڪراچيءَ ۾ رهائش لاءِ ٽينٽ سٽي قائم نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب هزارين ٻوڏ متاثر اسڪولن ۾ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن.هنن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن جي ڪرپشن هن مها ٻوڏ ۾ کلي طرح سامهون آئي آهي، جيڪڏهن 15 سال سنڌ جي عوام جو پئسو ايريگيشن سميت سنڌ جي مختلف ادارن تي ايمانداري سان خرچ ٿئي ها ته سنڌ اڄ هن ڏکي صورتحال ۾ نه هجي ها.هوڏانهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي امير علي ٿيٻو, خدا بخش ٿيٻو, غفار چانڊيو ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. سڄي سنڌ سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهي آهي. سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو متاٿر ٿيا آهن. هنن چيو ته ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن. جن جي ڪابه واهر ناهي ٿي. بک ۽ بدحالي جو شڪار متاثر مدد لاء واجهائي رهيا آهن.ٻئي طرف گولاڙچي ۾ مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور ، ضلعي اڳواڻ ابو نوحاڻي، رحيم پنهور ،رياض چانڊيو ۽ منور پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.امير آزاد پنهور ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ کي قدرتي آفتن نه پر پيپلزپارٽي جي نااهل حڪومت ۽ بد انتظامي تباھ ڪيو آهي ۽ هٿرادو طور تي سنڌ جا شهر توڙي ڳوٺ ٻوڙايا ويا آهن، سنڌ جا لکين ماڻهو هن وقت بي گهر ٿيا آهن زراعت تباھ ٿي وئي آهي پر حڪومت ان جي ڪا به واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ، جڏهن ت اڄ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جو سنڌ جو دورو رٿيل آهي، اسين کيس اپيل ٿا ڪريون ته اسين سنڌ واسي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت تي مڪمل عدم اعتماد ڪريون ٿا ان ڪري اها امداد يونائيٽيڊ نيشن طرفان ملندڙ امداد انٽرنيشنل ادارن جي اڳواڻي ۾ حقيقي متاثرن تائين پهچائي وڃي.سڪرنڊ ۾ فلڪ شير اوڏ ، شهمير جمالي، قاسم سومرو ، محڪم لنڊ، محمد خان گدارو ، شاعر قلندر بخش ملاح جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.جوهي ۾ ڪامريڊ غلام قادر لغاري،عبدالله کوسو، ساوڻ ٻٻر،جمن ٻٻر،روشن باهوٽو،محمد ايوب لغاري، گلشير رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر مظهر مغل، لياقت پنهور، طالب مغل، صدر ڀٽي، احمد علي تنيو، ايڊوڪيٽ محمد اسلم سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.اڳوانن چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي آهي جنهن جي ذميوار نااهل ۽ ڪرپٽ پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت آهي ۽ پيپلز پارٽي هميشه سنڌ کي نقصان ڏنو آهي هن ٻوڏ ۾ پيپلز پارٽي وارا پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ غريب سنڌي ماڻهن جي ٻچڙن کي به ٻوڙي ڇڏيو جيڪي ٽڪر ماني لاءِ پريشان ۽ دربدر آهن پر حڪمران امداد جا ڪوڙا بل ٺهرائي مال کائڻ ۾ پورا آهن ۽ سنڌي ماڻهن جي رستا روڪ ڪري انهن جي تذليل ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽري جو سنڌ جي دوري تي آهي اسين گهر ٿا ڪيون ته اقوام متحده طرفان سنڌ لاءِ جيڪا امداد اچي رهي آهي اها ڪنهن سٺي ساک رکندڙ فلاحي اداري حوالي ڪئي وڃي جيئن سنڌي ماروئڙن جي صحيح معنيٰ ۾ مدد ٿي سگهي ۽ ان امداد جي ورهاست ۾ سنڌ حڪومت کي ڌار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.