ايم اين اي شڪور شاد جي هٿ سان لکيل استعيفا ميڊيا تي وائرل

لاهور (تبصرو: گوهر بٽ) ڪراچي لياري جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار نيبل  گبول سوشل ميڊيا تي عبدالشڪور شاد جنهن 2018ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ اميد وار طور ايم اين اي جي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي هئي، ان جي قومي اسيمبليءَ  جي ميمبر شپ تان هٿ سان لکيل استعيفا ۽ وري ننڍي  چونڊ ۾ اميد وار طور داخل ڪيل نامينيشن فارم وائرل  ڪري سندس فراڊ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن  شڪور شاد اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل  ڪري موقف اختيار ڪيو ته هن استعيفا نه ڏني آهي، جنهن تي عدالت سندس قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شپ بحال ڪري ڇڏي. عدالت جي اهڙي فيصلي خلاف نبيل گبول به عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جتي هو شڪور شاد جي هٿ سان لکيل استعيفا ۽ وري ننڍي چونڊ وڙهڻ لاءِ داخل ڪيل نامينيشن فارم ثبوت طور پيش ڪندو ۽ سندس بحال ڪيل قومي  اسيمبلي ميمبر شپ رد ڪرڻ جي درخواست  ڪندو صحافي گوهر بٽ موجب ته جيڪڏهن واقعي شڪور شاد عدالت ۾ غلط بياني ڪئي آهي ته پوءِ ته شڪور شاد تي 420 جو ڪيس به داخل ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.