لاڙڪاڻي ۾برسات متاثرن جي واهر نه ٿي، کاڌو غير معياري، ڌرڻو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن ضلعي انتظاميه طرفان مليل کاڌي کي غيرمعياري ۽ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هڻي واهر جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾  لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلس ماڊل اسڪول ۾ ترسيل ٻوڏ ۽ برسات متاثر مردن ۽ عورتن پنهنجي ٻارن سان گڏجي واهر نه ٿيڻ خلاف جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن جي زنجير ٺاهي روڊ بلاڪ ڪري ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي  قمبر، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو، غيبي ديرو، وارهه سميت مختلف علائقن جي رهواسي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جبار شابراڻي، غلام نبي، گلشن، منظور، ڪرم لهر سميت ٻين دانهيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ مال متاءُ لڙهي ويو ۽ اسان جا سمورا فصل تباهه ٿي ويا آهن جنهن ڪري اسان پنهنجون جانيون بچائي شهر جي گورنمينٽ گرلس ماڊل اسڪول ۾ 400 کان وڌيڪ متاثرن رهائش اختيار ڪئي جتي ڏينهن رات اسان کي ٻه ويلا ڀت جون ٻه ديڳيون ڏنيون پيون وڃن جيڪو به پاروٿو ٿيڻ جي ڪري متاثر عورتون، ٻارڙا ۽ پيرسن دست، الٽي، گيسٽرو، چمڙي ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته انتظاميه اسان کي ٻه ويلا پاروٿو کاڌو کارائي مارڻ چاهي ٿي جنهن ڪري اسان جا ٻارڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن انهن کي کير، بسڪوٽ ۽ پيپمپر سميت ٻيو سامان به ٿو ڏنو وڃي اهڙيون شڪايتون اسان انتظاميه جي آفيسرن کي ڪيون پر ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اسان جي واهر ڪري ڀت کان علاوه کاڌ خوراڪ ڏئي زندگيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.