ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل بجيٽ درست استعمال نه ٿي: عبدالغفور حيدري

مٽياري ( ڊ ر ) جمعيت علماءُ اسلام پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري مٽياري ۾ سيلاب متاثرين ۾  راشن تقسيم ڪيو ان موقئي تي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيلاب ۽ برسات سبب ملڪ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، خصوصن سنڌ ۾ برساتن سبب اسي فيصد نقصان پهتو آهي ڪيترن ئي شهرن ڳوٺن جا زميني رستا ختم ٿي چڪا آهن زمينون پاڻيء هيٺ اچي ويون آهن، هن چيو ته سرڪار طرفان مليل بجيٽ اگر صحيح استعمال ٿئي ته برسات متاثرين کي سٺي سهائتا ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته بجيٽ تمام گهڻي آهي ان کي صحيح استعمال ڪري متاثرين کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن، مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته سنڌ جي ضلعن جا آفيسر وزير اعلا جا لاڏلا آهن، ضلعن جا ڊي سي متاثرين لاء مليل سامان وڏيرن جي ڀنگلن تي پهچائي رهيا آهن، هن چيو ته وزير اعلا سنڌ  زرداري کي گهرجي سنڌ لاء مليل امداد حقدار متاثرين تائين پهچائين، اسان هن ڏکي وقت ۾ عوام سان گڏ بيٺا آهيون اسانکان جيتري خدمت پهچي رهي آهي اسان خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، ٻين پارٽين کي به گهرجي عوام جي خدمت لاء اڳيان اچن، مصيبت جي هن وقت حڪومتون عوام سڀ گڏجي متاثرين جي خدمت ڪنڀ ان موقئي تي جي يو آء سنڌ جا اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر، مولانا اعظم جهانگيري، قاري عثمان،  نثار شر، سارنگ منگواڻو،سليم سنڌي ياسين سمون ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.