ٻنون لڳ پ پ ايم پي اي جو ايم ايس بچاءُ بند جو دورو

ٻنون (ن ع آ) ٻنون لڳ پ پ ايم پي اي سيد شاھ حسين شاھ شيرازي طرفان سنڌو درياھ جي ايم ايس بچاءُ بند تي لڳل روڻين بعد پنھنجي سوين حامين سان گڏ پھچي بندن جي صورتحال جو جائزو ورتو، ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي ٻنون لڳ ڳوٺ دورو ڌماچ وٽان ايم ايس بچا بند کي پيل روڻ جو جائزو وٺڻ لاءِ ھنگامي طور پھتو، جتي ھن پريس ڪلب دڙو جي ٽيم خصوصي ڳالهھ ٻولھه ڪندي چيو ته بندن جي حالت اڳ کان ڪافي بهتر آھي، سنڌو درياھ ۾ پاڻي جي وڏي وھڪري سبب بچاء بندن تي ان جو دٻاء موجود آھي پر الله پاڪ جي مھربانين سان خطري جھڙي ڳالھ ناهي، اسان هر وقت پنھنجي ھزارين ماڻھن سان گڏ ڏينھن رات بندن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ موجود آھيون ۽ گڏوگڏ آبپاشي کاتي جي آفيسرن ۽ ٻئي عملي کي متحرڪ ڪيو ويو آھي، جلد سنڌو مان پاڻي جو وڏو وھڪرو ٺري ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.