ميرپورخاص ۾ڊي سي جو ٽرين تي ڇاپو، دوائن جا 161 ڪارٽون هٿ

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ ڳجھو اطلاع ملڻ تي اثر مهل ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي  مختيارڪار ميرپورخاص، ڊي ايڇ او ميرپورخاص ۽ ٻين عملدارن سان گڏ ڇاپو هڻي مهراڻ ايڪسپيريس ذريعيص ميرپورخاص کان ڪراچي اسمگل ٿيندڙ پيناڊول سيرپ ۽ گورين جا لکين روپين جي ماليت جا 161 ڪارٽون هٿ ڪري پنهنجي تعويل ۾ وٺي ڇڏيا، واقعي بعد ميرپورخاص ۾ دوائن جي بااثر ڊسٽري بيوٽرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڊپٽي ڪمشنر پاران ميرپورخاص لاءِ آيل دوائون  غيرقانوني طور ٻين شهرن ڏانهن وڪرو ڪندڙ ڊسٽري بيوٽرن ۽ ان معاملي ۾ ملوث تمام ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ اختيارين کي لکڻ سان گڏ لکين روپين جون دوائون ضبط ڪرڻ وارين اطلاعن بعد شهر دوائون بليڪ تي وڪرو ڪندڙ مافيا حرڪت ۾ اچي ويئي آهي ۽ معاملي کي حل ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن ذريعن موجب بااثر مافيا جي ماڻهن پاران واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ ان غيرقانوني ڪم ۾ ملوث ڊسٽري بيوٽرخلاف ڪاروائي نه ڪرڻ لاءِ ڊي سي تي سياسي طور دٻاءُ وجھرايو پر وڃي پر ان باوجود ڊپٽي ڪمشنر پاران ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ صحت کاتي جي اختيارين سميت ڪمپني کي ليٽر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.