ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو، معصوم نينگر فوت

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ گيسٽرو مرض وگهي 3 ورهين جو معصوم نينگر عاقب علي ولد يعقوب جوڻيجو  فوت ٿي ويو. هوڏانهن ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ ڪيترائي ماڻهو گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته هن وقت تائين ڪا به ميڊيڪل ڪئمپ قائم نه ٿي سگهي آهي هوڏانهن ڳوٺاڻن وحيد علي، فدا حسن، قيوم احمد ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن سميت مخلتف ڳوٺن ۾ گيسٽرو جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن سبب ڪيترائي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون وڃن.

  • ڪنڌڪوٽ مان ڪار سوارن هٿان هندو واپاري اغوا، احتجاج

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اناج منڊي مان اڻڄاتل ڪار سوار ھندو واپاري ھريش ڪمار کي مبينا اغوا ڪري کڻي ويا واقعي کان پوليس بي خبر آهي سول ڪپڙا پاتل نامعلوم ٽن ڄڻن اي ايڇ سي 593 گاڏي ۾ ڏينهن ڏٺي جو گدام مان لاھي ڪري کڻي ويا ھندو برادري جي ماڻھن واپاري ھريش ڪمار کي کنڀي کڻي وڃڻ واري عمل خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته پوليس اسان جي واپاري کي آزاد ڪرائي واپارين ۾ پکيڙيل بي چيني ختم ڪرائي وڃي واضع رھي ته پوليس اڃان تائين معاملي بابت پتو نه لڳائي سگهي آهي ذريعن مان ڄاڻ ملي آهي ته واپار سبب ڏيتي ليتي جي معاملي تي واپاري کي کنڀيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.