پنجاب حڪومت بدلجڻ کان اڳ وفاقي حڪومت بدلائي ڇڏينداسين: فواد چوڌري جي دعويٰ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت کي وڌيڪ وقت نٿو ڏئي سگهجي، سڀاڻي عمران خان ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪندو، موجودا حالتن ۾ پاڪستان کي حقيقي آزادي ڏانهن وٺي وينداسين، پي ٽي آءِ اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته پنجاب حڪومت بدلجڻ کان اڳ اسان وفاقي حڪومت بدلائي ڇڏينداسين.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت جي اجلاس بعد بني گالا ٻاهران ميديا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اڄ مرڪزي قيادت عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو، عمران خان کي ٽيڪنيڪل ناڪ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هن چيو ته پاڪستان تمام وڏو حصو پاڻي ۾ آهي اهڙي صورتحال ۾ عمران خان تي ڪيسز ٺاهيا پيا وڃن، عمران خان کي نااهل ڪرائي چونڊن کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جن تڪن ۾ چونڊون ملتوي اتي ڪائي ٻوڏ ناهي آئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هي مينڊيٽ کان محروم حڪومت آهي، هي عمران خان کي سياست کان پري رکڻ چاهين ٿا ته جيئن چونڊن ۾ پوزيشن ۾ اچي وڃن، عمران خان کي سياست مان مائنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان بنانا ريپبلڪ بڻجي ويندو، عوام اهو فيصلو قبول نه ڪندو.

فواد چوڌري انڪشاف ڪيو ته ڪجهه ماڻهن ٻڌايو ته آهي ته وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، پنجاب حڪومت بدلجڻ کان اڳ اميد آهي ته وفاقي حڪومت بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.