جيل اسان جو گھر آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن اهل کي نااهل ۽ نااهل کي اهل ڪرڻ گھربل آهي ته پوءِ قوم کي ووٽ وجهڻ نه ويندي.

هڪ بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ننڍي چونڊ انهن تڪن ۾ به ملتوي ڪئي وئي جتي ٻوڏ ناهي آئي، پهريون ئي چئي ڇڏيو هو ته پي ڊي ايم چونڊن کان ڀڄي رهي آهي، هاڻ ته ٻيڻي لوڊشيڊنگ آهي جڏهن پوري بجلي جو بل ايندو ته ڇا ٿيندو، چيف جسٽس صاحب ڪورٽ ۾ داخلا تي پابندي ۽ مارڪيٽن کي بند ڪرائڻ کان انتظاميا کي روڪيو.

هن چيو ته جيڪڏهن اهل کي نااهل ۽ نااهل کي اهل ڪرڻ گھربل آهي ته پوءِ قوم ووٽ نه وجهندي، قوم جنهن چهرن کي نٿي ڏسڻ چاهي انهن کي ٽي وي تي ڏيکاريو پيو وڃي، جيڪڏهن عمران خان جو ڪورٽ ۾ بيان ٿي وڃي ها ته ڪا قيامت نه اچي وڃي ها، حڪومت ويهجي چڪي آهي ۽ هاڻ ملڪ ويهجي رهيو اهي.

ان کانسواءِ اڳوڻي گھرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي گذارش آهي ته عدالت ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، حڪومت وٽ ڪجهه ناهي رڳو ٻوڏ ٻوڏ کيڏي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان جو ڪيس ليگل ٽيم ڏسي رهي آهي، ڪنهن کي نااهل ڪري سياست ختم نٿي ڪري سگھجي، اسان به ست سال جيل ڪاٽيو، اسان توهان جي اڳيان آهيون، جيل اسان جا ساهرا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.