ڪراچيءَ ۾ شديد گرمي جي لهر ڪيستائين جاري رهندي؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ گرمي جي سخت لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بند آهن ۽ گرميءَ جو ڪارڻ ڀارتي رياست گجرات ۾ موجود سسٽم آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 10 ۽ 11 سپٽمبر تي سنڌ ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪرچاي ۾ برسات جو في الحلا ڪو به امڪان ناهي جڏهن ته سسٽم جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

جمعي ڏينهن ڪراچي ۾ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو جڏهن ته گهٽ کان گهٽ گرمي پد 27.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، هوا ۾ گهم جو تناسب 65 سيڪڙو آهي.

موسميات کاتي موجب گرمي جي شدت وڌيڪ 2 کان 3 تائين برقرار رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.