برطانوي راڻي جون آخري رسمون ڪٿي ۽ ڪڏهن ادا ڪيون وينديون؟

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانيا جي راڻي گذريل ڏينهن ڇهانوي ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻي ڪري وئي هئي، امڪاني طور تي ان جي آخري رسمن جي ادائگي ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ٿينديون.

برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب سرڪاري طور تي برطانوي راڻي جون آخري رسمون ٻن هفتن جي اندر اندر ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ادا ڪيون وينديون.

هي اهو تاريخي چرچ آهي جتي برطانيا جي بادشاهن ۽ ملڪائن جي تاج پوشي ڪئي ويندي آهي.

ملڪا ايزبٿ ٻي جي اڻويهه سئو ستيتاليهه ۾ شهزادي فلپ سان شادي ۽ اڻويهه سئو ٽيونجاهه ۾ سندس تاج پوشي به ان ئي چرچ ۾ ٿي هئي.

برطانوي راڻي جون آخري رسمون ويسٽ منسٽر جي ڊين ڊيوڊ هوئل جي سربراهي ۾ ادا ڪيون وينديون ۽ ڪينٽر بري جو آرچ بشپ جسٽن ويلبي خطبو ڏيندو.

رپورٽ موجب راڻي جي مڙهه کي لنڊن آڻڻ کانپوءِ آخري رسمن جي ادائگين کان اڳ لڳ ڀڳ چئن ڏينهن تائين منسٽر هال ۾ رکيو ويندو.

ان هال ۾ برطانوي راڻي کان اڳ ٻه هزار ٻه ۾ سندس امڙ جي مڙهه کي آندو ويو هو جتي ٻن لکن کان مٿي ماڻهو راڻي جي ماءُ جي تابوت کي ڏسڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺا هئا.

برطانوي راڻي جي تابوت کي يارهين صدي جي هال جي ڇت جي هيٺان هڪ وڏي جاءِ تي رکيو ويندو جنهن کي ڪيٽفالڪ چيو ويندو آهي. ان پليٽ جي حفاظت شاهي ڪٽنب جا سپاهي ڪندا.

جڏهن ته راڻي کي بڪنگهم پيلس کان هڪ جلوس جي صورت ۾ ويسٽ منسٽر هال آندو ويندو، جنهن ۾ فوجي پريڊ ۽ ڪٽنب جا ماڻهو به موجود هوندا جيئن ئي راڻي جو مڙهه ويسٽ منسٽر هال ۾ پهچندو ته اتي ماڻهن کي اچڻ جي اجازت به ڏني ويندي.

برطانوي عوام به اهڙي جلوس کي ڏسي سگهندو ڇو ته راڻي جي آخري رسمن کي سڌي ريت ڏيکارڻ جا امڪان آهن.

راڻي جي آخري رسمن ۾ عالمي اڳواڻ به شاهي ڪٽنب جي ميمبرن سان سان گڏ هجڻ لاءِ برطانيا پهچندا جڏهن ته برطانيا جا سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻا وزيراعظم به اتي موجود هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.