ڪالاباغ ڊيم سميت پاڻي ذخيري ڪرڻ بابت صدر عارف علوي جو صلاحون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي چيو آهي ته جيڪڏهن پرڏيهي مداخلت جو الزام آهي قومي سلامتي ڪميٽي جي جاچ کي منظر عام تي آندو وڃي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صدر عارف علوي عمران خان جي آرمي چيف جي مقرري بابت بيان تي چيو ته مان سمجهان ٿو ته عمران خان ان جي مناسب وضاحت پيش ڪري ڇڏي آهي، حقيقت ۾ اسان سڀئي لفظن جي چونڊ ۾ ماهر ناهيون پرهن وضاحت ڪري ڇڏي آهي ۽ جنهن مان مطمئن آهيان.

سندس چوڻ هو ته پاڻ ۾ جاري ڇڪتاڻن سبب فوج کي موقعو ملندو آهي ته مداخلت ڪري، ايوب خان جي دور ۾ ماڻهو چوندا هئا ته هڪ شئي هاڪاري هئي ته پاليسين ۾ تسلسل آيو آهي، مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن پرڏيهي مداخلت جا الزام آهن ته مون آن پيپر چيف جسٽس کي درخواست ڪئي هئي ته ان جي جاچ ضروري آهي.

وزيراعظم سان لاڳاپن بابت سوال تي صدر عارف علوي چيو ته شهباز شريف سان سٺا لاڳاپا آهن، ڪير ائين نٿو چئي سگهي ته ساڻس خراب لاڳاپا آهن.

هن چيوته وزيراعظم آفيس مان اٽڪل 90 يا 95 تجويزو يان مشورا آيا، جن مان ٻه يا ٽي روڪيا ۽ انهن جي وضاحت پڻ ڪئي باقي تجويزن يا مشورون تي اسان جي وچ ۾ هم آهنگي آهي.

سوشل ميڊيا تي پابندي بابت سوال جي جواب ۾ صدر عارف علوي چيو ته يوٽيوب تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي، يوٽيوب تي پابندي لڳائڻ ائين هوندو ته جيئن توپ سان مڇر مارڻ.

صدر چيو ته سڄي دنيا ۾ جتي به ٻوڏ واري صورتحال هوندي آهي ته ان کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويندا آهن، ماحولياتي تبديلي اچي رهي آهي.

هن چيو ته ٻوڏ جي ڏينهن ۾ پهرين شئي عوام جي جان بچائڻ هوندي آهي ۽ مان پاڪ فوج کي ڪريڊٽ ڏيان ٿو جن هن ڏکئي صورتحال ۾ انتهائي بهادري سان خدمتون انجام ڏنيون آهن، اسان جي هوائي فوج ۽ نيوي پڻ سنڌ وڏو ڪم ڪيو آهي، پر ان باوجود وڏو جاني نقصان ٿيو آهي، پر ڪجهه شين مان انسان سکي وٺندو آهي، توهان کي ياد هوندو ته چار پنج سال اڳ ڪراچي ۾ وڏي سخت گرمي ٿي هئي، اٽڪل هڪ هزار ماڻهو هيٽ اسٽروڪ وگهي مري ويا، ان کانپوءِ به گرمي ٿي پر ماڻهن سکي ورتو.

صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته پاڪستان پاڻي ذخيري جي کوٽ آهي، هن ٻوڏ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اسٽوريج ڊيم ٺهڻ گهرجن، پر ايندڙ قدم اهو آهي ته ڪالاباغ ڊيم رٿا سياست جي ور چڙهي ويو پر ڇو؟ يقين نٿو اچي، سمورين صوبائي اسيمبلين ان رٿا خلاف ٺهراءُ پاس ڪيا آهن، اسٽوريجز ٺهڻ گهرجن ۽ ڊيمز تي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.