ڪراچي ۾ ڦر ڪندڙ غيرمقامي آهن: خالد مقبول

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته روڊن تي اچي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ کان علاوه اسان وٽ ڪو رستو ناهي، ڪراچي واسي پنهنجي حفاظت جو انتظام ڪن، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن سڀني جو ڌيان ٻوڏ ۽ ان جي تباهي ڏانهن ڇڪيل آهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي رهي آهي، ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن، انهن جو تعلق هن شهر سان به ناهي، شهر جا 300 کان وڌيڪ پٽ ڦورن هٿان هيل تائين قتل ڪيا ويا آهن، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هن شهر جو ڪو به اُلڪو ناهي، نه ڏوهاري نه ئي پوليس هن شهر سان تعلق رکي ٿي، هن چيو ته هن شهر جا ماڻهو ٻيڻا بجلي بل ادا ڪن ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.