عمران خان ڪيستائين لاڏلو رهندو؟ بلاول ڀٽو

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي 13 تڪن ۾ ننڍي چونڊ ملتوي ٿيڻ تي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ردعمل ظاهر ڪيو آهي،  ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان ڪيستائين لاڏلو رهندو؟ ملتان ۽ ڪراچي ۾ پ پ اميدوار ننڍي چونڊ اوچتو ملتوي ڪرڻ تي مايوس آهن. بلاول چيو ته ننڍي چونڊ لاءِ پ پ اميدوار پنهنجي تڪ جي خدمت لاءِ بيچين آهن، انهن تڪن ۾ ڊگهي عرصي تائين نمائندگي ناهي، پ پ چيئرمين وڌيڪ لکيو ته چونڊ تياري جي آخري مرحلي ۾ پي ٽي آءِ کي اليڪشن مان ڀڄڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.