جج کي ڌمڪين بابت عمران جو جواب رد، 22 سيپٽمبر تي فرد جرم جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران جو جواب رد  ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس اطهر من الله فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، مٿس ٻن هفتن ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. چيف جسٽس فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عمران خان جو جواب تسلي جوڳو ناهي، جڏهن به ڪو سياسي ليڊر عدالت ۾ ايندو آهي ته اسان کي افسوس ٿيندو آهي، عمران خان تي 22 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪنداسين. عدالت ڪيس ۾ مدد ڪندڙن عدالتي مددگارن جا به ٿورا مڃيا.واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت عمران خان طرفان ايڊيشنل جج زيبا چوڌري بابت بيان تي توهين عدالت ڪيس ۾ 8 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. 31 آگسٽ تي ڏنل عدالت جي حڪم موجب عمران خان گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئون جواب جمع ڪرايو هو، جنهن ۾ هن چيو ته غير ارادي طور لفظ ڳالهائڻ تي افسوس آهي، بيان جو مقصد عورت جج جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، جيڪڏهن ان جي دل آزاري ٿي آ ته افسوس آهي.هن پنهنجي جواب ۾ عدالت کان وضاحت منظور ڪندي اپيل ڪئي ته توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي. عدالتي مددگارن پاران ڪيس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني. جسٽس اطهر من الله چيو ته اظهار جي آزادي جا محافظ آهيون پر اشتعال انگيزي جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. عمران خان جي وڪيل حامد خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته گذريل ٻڌڻي جي عدالتي آبزرويشن سان مڪمل طور تي متفق آهيان، مختصر رپورٽ عدالت آڏو رکڻ چاهيان ٿو، اسان ان معاملي کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، عدالت هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو. جنهن تي تفصيلي جواب داخل ڪرائيندي 21 آگسٽ جي عدالتي ٻڌڻي تي تفصيلي جواب داخل ڪرايو.حامد خان چيو ته عدالت سپريم ڪورٽ جي ٻن فيصلن جو حوالو ڏنو، اهي دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري جا عدالتي فيصلا هئا، پر عمران خان جو ڪيس انهن ٻنهي عدالتن جي فيصلن ۾ نٿو اچي، طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز ڪيس عمران خان جي ڪيس کان بلڪل مختلف آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته توهين عدالت ٽن قسمن جي ٿئي ٿي، جنهن کي فردوس عاشق اعواڻ ڪيس ۾ بيان ڪيو ويو آهي، هڪ جڊيشل توهين عدالت ۽ هڪ فوجداري توهين عدالت دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري خلاف ڪرمنل توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي هئي، اُنهن خلاف عدالت کي اسڪينڊلائزيز ڪرڻ جو مامرو هو. عدالت چيو ته عمران خان جو بيان سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ناهي، پهريان به چيو هو ته ضلعي عدالتون عدليه جي ريڊلائن آهن. حامد خان چيو ته عمران خان چيو آهي ته عدليه ۽ ضلعي عدالتن جو احترام ڪري ٿو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.