”عمران بچا“ بيانئي جو مقصد رعايتون وٺڻ آهي: شيري رحمان

اسلام آباد(م ڊ) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ”عمران بچا“ بيانيه جو مقصد ادارن تي دٻاءُ وجهي انهن  کي تڪراري بڻائڻ ۽ رعايتون وٺڻ آهي. خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان عورت جج کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ غير مشروط معافي به ناهي گهري، هن چيو ته عمران خان فوج ۽ عدليه خلاف تڪراري بيان ڏئي چوندو آهي ته حڪومت کيس ادارن سان ويڙهائي رهي آهي، ڇا هو فوج ۽ عدليه خلاف تڪراري ۽ عجيب ۽ غريب بيان حڪومت جي چوڻ تي ڏئي رهيو آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.