ڊالر اگهه ۾ واڌ، انٽر بئنڪ ۾ 225 رپيا 42 پئسن تي پهتو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب انٽر بئنڪ  مٽاسٽا مارڪيٽ ۾   ڊالر 2 رپيا مهانگو ٿي 225 رپين 42 پئسن جو ٿي ويو. گذريل ڏينهن به انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 رپيا مهانگو ٿيو هو ۽ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي بندش تي ڊالر جو قدر 223 رپيا 42 پئسا هو. ياد رهي ته انٽر بئنڪ ۾ هلندڙ هفتي ڊالر 6 رپيا 44 پئسا مهانگو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي اوچي اڏام جاري آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.