هاءِ ڙي غربت!سکر ۾ ٻوڏ متاثر عورت ٻارڙي کي جنم ڇڏي وئي

سکر (رپورٽ: اختيار علي چنا) سکر جي سرڪاري ڊسپينسري ۾ ٻوڏ متاثر عورت ٻارڙي کي جنم ڏيڻ بعد کيس هنج وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پي پي ايڇ آءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجنل هيڊ افضل ڪولاچي ٻارڙي کي هنج وٺڻ کانپوءِ اعليٰ تعليم ڏياري ڊاڪٽر بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي افضل ڪولاچي ميڊيا ڏانهن اماڻيل وڊيو ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر تي تقريبن رات جو 8 وڳي ڊي او سکر جي سرڪاري ڊسپينسري ۾ هڪ ٻوڏ متاثر عورت آئي، جنهن ٻارڙي کي جنم ڏنو بعد ۾ ٻار کي هنج وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪجهه ٻڌائڻ بنا ئي هلي وئي، افضل ڪولاچي موجب ٿي سگهي ٿو ته متاثر عورت بُک، غربت ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب ٻارڙي جي پالنا کان انڪار ڪيو هُجي، ڪارڻ ڪهڙا به هُجن پر ٻارڙي کي جڏهن اسپتال ۾ لاوارث حالت ۾ ڇڏيو ويو ته اسپتال جي ڪنهن به عملي کيس هنج وٺڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن مونکي اِن ڳالهه جي خبر پئي ته مون هُن تازي ڄاول نياڻي کي هنج ورتو ۽ منهنجي فيملي تمام گهڻي خوش آهي، افضل ڪولاچي ٻڌايو ته نياڻي کي هنج وٺڻ تي خوشي آهي پر ڏک اٿم ته بک ۽ بدحالي سبب سنڌ جون نياڻيون تازن ڄاول ٻارڙن کي به ائين ڇڏي ڏين ٿيون، جڏهن مون اِهي منظر ڏٺا ۽ اسپتال جي عملي ڪٿا ٻڌائي ته لڙڪ لاڙي ويٺس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.