عامر خان ۽ آفاق احمد 12سال کانپوءِ قتل ڪيس مان آزاد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي جسٽس راشد علي جي عدالت ايم ڪيو ايم جي عامر خان ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جي سربراهه آفاق احمد جي اپيلن تي 12سال  کان پوءِ مختصر فيصلو ٻڌائيندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو تفيصلي فيصلو پوءِ ٻڌايو ويندو، عدالت عمر قيد جي خلاف اپيليون منظور ڪيون هيون، پوليس چيو ته ٻنهي اڳواڻن تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد فاروق جي قتل جو الزام آهي، محمد فاروق ۽ ساٿين کي 19جون 1992ع مان لانڍي مان اغوا ڪيو ويو هو، عامر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله جو شڪر آهي ته عدالت انصاف تي فيصلو ڪيو آهي، ڪوڙي ڪيس ۾ دير سان پر انصاف مليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.