درياهه جي پيٽ ۾ رهائشي رٿائون غيرقانوني آهن: ايم ڊي سيڊا

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي سيڊا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پريتم داس چيو آھي ته  درياھ جي پيٽ اندر قائم  اسڪيمون غير قانوني آھن، جن کي سيڊا يا آبپاشي کاتي ڪا به اين او سي ناھي ڏني، سول سوسائٽي جي نمائندن سان گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ايم ڊي سيڊا وڌيڪ چيو ته  ھن وقت حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي شھر کي ڪو به خطرو ناھي پر مستقبل ۾ اھڙين ٻوڏن دوران حيدرآباد سميت درياھ جي ڀر ۾ آباد وڏن شھرن جي بچاءُ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، سيڊا جي جنرل مئنيجر ٽرانزيشن غلام مصطفيٰ اڄڻ چيو تھ سنڌو درياھ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ آھي پر ان بابت افواھ پکيڙي شھرين کي خوفزدھ ڪيو پيو وڃي. سماجي اڳواڻ ذوالفقار ھاليپوٽو چيو تھ اسان کي پاڻي جي قدرتي رستن کي بھ بحال ڪرڻ جي ضرورت آھي تھ جيئن برساتن ۽ ٻوڏن دوران گھٽ ۾ گھٽ نقصان ٿئي، سما جي اڳواڻ ذوالفقار قادري، اسحاق مڱريو، مصطفيٰ راجپر، ڪاشف عباسي، قرت العين، مصطفيٰ بلوچ، سيد محمد شاھ ۽ ٻيا شامل ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.