منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇڏڻ لاءِ بند کي ڪٽ ڏنو ويندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته  ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر سيوهڻ وٽان سنڌو درياهه ۾ ڪجهه انچن جي لاٿ کانپوءِ منڇر جو پاڻي درياهه  ۾ ڇڏڻ لاءِ بند کي ڪٽ ڏنو ويندو، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ صورتحال بهتر  ٿي رهي آهي قمبر ضلعي ۾ مان پاڻي ختم ٿيڻ ۾ اڃان وقت لڳندو، وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  هن چيو ته ڪئمپن ۾ ترسيل وڏن ماڻهن کي تيار ٿيل کاڌو ملي رهيو آهي پر معصوم ٻارن جي لاءِ مسئلوپيدا ٿي رهيو آهي ان ڪري وڏي وزير پاران رليف ڪئپمن ۾ ترسيل معصوم ٻارن کي غذا ڏيڻ لاءِ روزانو کير جا ٻه ساشا فراهم ڪرڻ لاءِ 15 لک ساشا روز جي بنياد تي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،   اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير وزير عمران خان کي هن صدي جو وذهني هلٽر قرار ڏيندي  چيو ته هن مصيبت جي گهڙي ۾ هڪ شيطان کان سواءِ پوري قوم هڪ آهي، ملڪ جو عوام مصيبت هيٺ آهي ۽ اهو شيطان ناچ گانا ڪرائڻ ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۾ پورو آهي، ٻوڏ کي منهن ڏيڻ کان پوءِ ان ماڻهوکي به منهن ڏينداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  عمران جي دشمني سياسي پارٽين سان نه پر ملڪ جي سالميت ۽ رياستي ادارن سان آهي، ڪنهن به سياستدان ايتري ريڊ لائن ڪراس نه ڪئي جيتري عمران خان ڪري ويو آهي ڇاڪاڻ ته لاڏلو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.