عادلپور ۾ برسات متاثرن جي ڪنهن به سار نه لڌي، گهر ڊهي پٽ

عادلپور ( ن ع آ )  يوسي مٺڙي جي ڳوٺ عبدالحڪيم قاضي جي ڳوٺاڻن جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي، گھر ڊھي پٽ ٿي ويا رھيل گھرن ۾ پاڻي  بيٺل آهي، ڪمائڻ جو ڪو وسيلو ناهي مزدوري به بند ٿي وئي آهي، جنهن ڪري بکون فاقاڪشي واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون وڌيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي عزيز الله قاضي، بھادر قاضي، عبداللطيف قاضي چيو ته اسان ڳوٺ عبدالحڪيم قاضي جا رھواسي آھيون ھميشه مھر سردارن کي ووٽ ڏنو آهي، ھن ٽائيم تائين مڇھر مار اسپري نه ٿي سگھيو آهي، جنهن ڪري اسان لاچار بيوس پريشان آھيون، من اچي مشڪل گهڙي ۾ سار لھي پر ڪو لڙي ڪون آيو، ايم اين اي محمد بخش مهر ۽ علي گوهر خان مهر خدارا سار لهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.