شڪارپور بچايو تحريڪ شروع، سوين شهرين جو ڊي سي آفيس کي گهيراءُ، ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽ:ذوالفقار مگسي) شڪارپور بچايو تحريڪ جي سڏ تي شهرين احتجاجي ريلي  ڪڍي ڊي سي آفيس کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.جي يو آءِ، قومي عوامي تحريڪ، جي يو پي، جماعت اسلامي، جيئي سنڌ محاذ،  ايس يو پي،آپڪا، آل سمال ٽريڊرس ايسوسيئيشن، ماٽا، جيئي لطيف  لکيدر يونين ۽ پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن، پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو، گسٽا ۽ ٻين تنظيمن  جي ڪارڪنن شهر جي مختلف هنڌن تان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي قاري مجيب الرحمان مدني، مولانا مسعود احمد قادري، اسدالله سومرو، ظفر علي چنو، علي اصغر پھوڙ، عبدالوهاب ڪاغذي، احسان جيھو، ميان ظفر علي علوي، ڏاڏو طاھر سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميه جي لاپرواهيءَ سبب شڪارپور ضلعي ۾ تباهي ٿي، 85 جانيون فوت ۽ سوين ماڻھو زخمي ٿيا، لکين ماڻھو بي گھر ٿيا.هنن چيو ته ڊي سي ابرار جعفر صرف ھڪ سياسي جماعت کي سھولت مھيا ڪري رھيو آهي، اسان جو موقف آهي ته ڊي سي اسان جا مطالبا مڃي يا ھتان بدلي ڪرائي وڃي، هاڻي ڊي سي کي ڪنھن به ھائوس جي واٺاگيري ڪرڻ نه ڏينداسين، لکين ماڻھو بي يار و مددگار بڻيل آھن نه انھن کي سر ڍڪڻ لاءِ ٽينٽ ملي ٿو نه راشن ملي ٿو ۽ نه وري علائقن مان برسات ۽ نالين جو گندو پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو، شھري وڏي عذاب کي منھن ڏئي رھيا آھن. هنن چيو ته برسات متاثرن جي واھر نه ٿي ته پوءِ شڪارپور جا سمورا ايندڙ ويندڙ روڊ رستا بلاڪ ڪنداسين، اسين پنهنجي شهرين جي ھر صورت ۾ مالڪي ڪنداسين. ان موقعي تي ڌرڻي ۾عمران منگي، غلام حسين جتوئي، عبدالغفور دايو، فضل الله نوراني، مولوي عبدالفتاح مھر، امير بخش ڀٽو، محمد خان کوسو، محمد حيات جيهو سميت وڏي انگ ۾ شھري شريڪ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.