لاڙڪاڻي هاءِ ڪورت ۾ برسات متاثرن ڪيس جي ٻڌڻي، ڪمشنر ۽ ٻيا پيش

لاڙڪاڻو ( ڊر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي ڊبل بئنچ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ توڙي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف داخل پٽيشن تي ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنر ۽ دادو ضلعي جي ٻن تعلقن خيرپور ۽ ڪي اين شاهه بابت داخل ڪرايل رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي ايڇ اوز کي حڪم جاري ڪيو آهي ته هو ٻوڏ برسات سبب متاثر ٿيل ماڻهن ۾ ٽينٽ ۽ خوراڪ جي ورهاست بابت پنهنجي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائن، سٽيزن ڪاميٽين جي سربراهن کي حڪم جاري آهي ته لاڳاپيل عملدارن طرفان جمع ڪرايل رپورٽ جي روشني ۾ زميني حقيقتن جو جائزو وٺي لاڳاپيل ضلعي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪن، عدالت طرفان ڪمشنر لاڙڪاڻو سميت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي ايڇ اوز کي ايندڙ ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تي اڳڀرائي رپورٽ سميت ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن سميت دادو ضلعن جي ٻن تعلقن خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي جي واهر نه ڪرڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سينيئر وڪيل سرفراز خان جتوئي، ايڊووڪيٽ رفيق احمد ابڙو ۽ ايڊووڪيٽ عنايت الله موريو طرفان داخل ٽن پٽيشن جي گڏيل ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي ڊبل بئنچ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تونيو جي عدالت ۾ ٿي

  • گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن جو ايم اين اي جي خطري بعد احتجاج ختم

اسلام ڪوٽ (ت ر) ٿرڪول بلاڪ ٽو جي کاڻين جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ٺاهيل تڪراري گوڙاڻي ڊيم جي متاثر ڳوٺ سليمان حجام  جي رهواسين عورتن ۽ مردن بيواھ حُرمي ٻائي،رُڪائي ٻائي،عارب حجام،ابراهيم حجام ۽ ٻين ٻارين ٻچين ڪالھ چوٿين ڏينهن به پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو مسئلن جي حل لاءِ قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي احتجاج جاري رکيو،اُنهي سلسلي ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي احتجاج ڪندڙن جي ڪئمپ تي ڳالهين لاءِ پهتو،ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي پاران ڳوٺاڻن کي سمورا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي،جنهن تي احتجاج ڪندڙن لڳايل احتجاجي ڪئمپ ختم ڪري ڇڏي.رهواسين دانهيندي چيو ته اسان گوڙاڻي ڊيم سبب متاثر ٿيا آهيون.  پر سنڌسرڪار اسان کي نظرانداز ڪري من پسندن کي لک لک جا چيڪ ڏئي رهي آهي،جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي آهي،اسان کي سروي مان نظرانداز ڪري ڳوٺ سليمان حجام جو نالو تبديل ڪري الهڏنو حجام اُنهي ڪري رکيو ويو آهي ته جيئن هنن کي معاوضو نه ملي سگهي،معاوضي وارا چيڪ ڳوٺ سليمان حجام جي اڊريس تي ڏنا وڃن،ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته توهان جو جائز هر مسئلو حل ڪرائيندس،احتجاج توهان جو جهموري حق آهي،آئون هتي اچڻ کان اڳ ۾ وزٽ ڪري آيو آهيان،گوڙاڻي ڊيم جي متاثرين کي هڪ لک معاوضي واري ٻي قسط ملي وئي آهي،توهان صبر ڪيو ٻي فيز ۾ ايڊجيسٽ ڪرائينداسين،ڪنهن کي به نظرانداز نه ڪيو ويندو،اسان جي وس ۾ جيڪو به آهي توهان جي لاءِ ڳالهائينداسين،سنڌ حڪومت هر ممڪن مدد ڪندي،احتجاج ختم ڪيو،مسئلا حل ٿي ويندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.