ٺٽي ضلعي جي حدن ۾سنڌو درياءُ ۾ چاڙهه، پ پ اڳواڻ بندن تي پهتا

ڳاڙهو (ن ع آ)   ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ سنڌو درياءُ جي پاڻي وھڪرن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، ٺٽي جي حدن ۾ وڏي سيلابي ريلو گذري رھيو آھي، جڏھن تہ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پي ايس 78 گھوڙاٻاري جي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جي ھدايتن تي پ پ پ جو نوجوان اڳواڻ عاشق حسين زرداري سنڌو درياءُ جي حفاظتي بندن جي پاڻ نگراني ڪري رھيو آھي. ان سلسلي ۾ پ پ پ جو نوجوان اڳواڻ عاشق حسين زرداري، ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي، اي سي سھيل بلوچ، ايڪسيئن رحيم قريشي سان گڏ سنڌو درياءُ جي بندن تي دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ سنڌو درياءُ جا حفاظتي بند مضبوط آھن، خطري جي ڪابہ ڳالھ ناھي، ضلعي جي عوام افواھن تي ڌيان نہ ڏئي، سمنڊ تيزي سان پاڻي کڻي رھيو آھي ۽ ضلعي انتظاميہ سان گڏ آبپاشي کاتي جا عملدار سميت سمورا بندن تي چوڪس آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.