واهر ڪريو: ڪنڌڪوٽ ۾ٻوڏ متاثرن جو احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ  (ڊ ر)ڪنڌڪوٽ ۾ ڳوٺ ڪجلو لاشاري جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن  جي اڃا تائين واھر نه ٿي سگهي. ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا ۽  چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي طفيل احمد لاشاري، حاجي محمد الياس، امداد علي، خان محمد، عبدالرزاق، شھزادو، اشرف علي ۽ ٻين چيو ته اسان جو ڳوٺ اڃا تائين ٻڏل آهي، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري گهر ڊهي رهياآهن، اسان جا فصل تباهه ٿي ويا، مال متاع مري ويو پر افسوس ضلعي انتظاميا نه ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪيو نه وري امدادي سامان ڏنو ويو.هنن چيو ته انتظاميا هن مصيبت ۾ اسان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، اسين ميڊيا جي مدد سان سنڌ حڪومت ۽ ستل انتظاميا کان گھر ڪريون ٿا ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.