سڪرنڊ لڳ ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاهي پيو، ماڻهن پاران لڏپلاڻ

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ تعلقي جي يوسي بهاول شاهه ،  يوسي گهرام مري جي مختلف ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي ڪاهي پيو. وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ جاري. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ بند ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا. حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن پاران ڪا به واهر نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ سونو ڏاهري جي رهواسين جو سخت احتجاج. ڳوٺن مان مشين جي ذريعي پاڻي ڪڍي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو مطالبو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن علي محمد ڏاهري، قاسم ڏاهري ، الهه بچايو سولنگي ، شوڪت ماڇي ، مولا بخش ڏاهري ، محمد حسن  راڄپر ، حاجي خان جوڻيجو ، علي اڪبر جوڻيجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ دولتپور ، قاضي احمد ۽ ميڪارو جي بااثرن ڌرين پاران زمين مان پاڻي ڪڍي اسان جي 30 ڳوٺن کي ٻوڙيو پيو وڃي. اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺن کي بند ڏئي رهيا آهيون. جڏهن ته انتظاميه يا چونڊيل نمائندن اسان جي سار نه لڌي آهي. اسان حڪمران ڌر جا ووٽر آهيون اسان پنهنجي عورتن سان گڏ پنهنجي ڳوٺن کي بند ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي چونڊيل نمائندن ڪا به سار نه لڌي آهي مري رهيا آهيون ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن. جيڪڏهن حڪمرانن يا انتظاميه کي اڃا به بک آهي ته اسان پنهنجي گهرن جو سامان به کين خيرات ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور مشينون لڳائي ڳوٺن مان پاڻي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي جيئن اسان جي زندگي بچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.