منظورآباد ڀرسان ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

مانجهند (ن ع آ) منظورآباد ڀرسان اس  بک  ۾ پاه ٿيل ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي متاثر ولي  محمد ٽوه خان ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ٻوڏ سبب سندن فصل گهر چوپايو مال سميت اله تله تباه ٿي ويو صرف جانيون بچائي منظورآباد جي مٿائين علائقن ۾ ويٺا آھيون جتي انتظاميا طرفان کين ڪابه کاڌ خوراڪ خيمون ۽ طبي امداد نه ملي سگهي آھي جنهن نٽھڻ اس ۾ بکن ۾ پاه ٿي ويا آھيون معصوم ٻارڙن سميت ڪيترن ئي بخار گيسٽرو چمڙي جون بيماريون وڪوڙي ويون آھن پر انتظاميا ڪابه سهولت نه پئي ڏئي هوڏانهن خاڻوٺ پوليس متاثرن کي داٻا ۽ آسرو ڏئي روڊ کولرائي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.