منڇر تي ڪٽ بعد ميهڙ جي رنگ بند تي دٻاءُ گهٽجي ويو

ميھڙ (س ر ) منڇر کي ڪٽ ۽ گھارو لڳڻ بعد ميھڙ ۾ رنگ بند تي دٻاء گھٽجي ويو  پاڻي ۾ لاٿ شروع ٿي وئي آھي ميھڙ رنگ بند تي گذريل 12 ڪلاڪن ۾ 4 کان پنج انچ پاڻي لھي ويو آھي پاڻي ۾ دٻاء گھٽجڻ ۽ لاٿ سبب رنگ بند تي ڪم ڪندڙ مشينن ۽ رضاڪار نوجوانن ۾ ماٺار اچي وئي آھي جيتوڻيڪ رنگ بند تي پاڻي 7 فوٽ تائين بيٺل آھي ھوڏانھن منڇر کي ڪٽ ۽ گھارو لڳڻ بعد ميھڙ ۾ زندگي ٻيھر بحالي طرف وڃي رھي آھي ، ميھڙ ۾ اڄ ڪافي واپارين پنھنجا ڪاروبار کولڻ شروع ڪيا آھن ميھڙ ٻوڏ متاثرين جي حالت خراب آھي ، ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاء سرڪار توڙي ضلعي حڪومت ڪو بہ قدم ناھي کنيو جنھن سبب ھزارين متاثر بک ۽ اڃ ۾ بي حال آھن اھي بي وسي مان سرڪار توڙي وس وارن ڏانھن نھاري رھيا آھن ماڻھو بکن ۾ پاھ ٿي رھيا آھن گرمي جي لھر وڌي وئي آھي ماڻھو کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن ٻوڏ متاثرن ۾ بيماريون پکڙجڻ کان پوء ميھڙ ۾ صحت کاتي پاران فوڪل پرسن مقرر ڪري مختلف ھنڌن تي اعلانيل مفت طبي ڪئمپ ھڻڻ وارو اعلان بہ اڌورو رھجي ويو صحت کاتي پاران اعلانيل مفت طبي ڪئمپس لڳي ناھن سگھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.