ڪوٽڙي ۾ مختلف شهرن کان آيل ٻوڏ متاثرن جي واهر ٿي، بي يارو مددگار ويٺل

ڪوٽڙي ( رپورٽ : جبار ڪابورو )ڪي. اين. شاهه، ميهڙ، جوهي، سيوهڻ تعلقي، قمبر شهدادڪوٽ، وارهه ۽ ٻين شهرن مان حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي  ۾ آيل هزارين متاثر روڊن ۽ رستن تي ويٺل برسات ۽ ٻوڏ متاثرن  جي سنڌ سرڪار ۽ مقامي آفيسرشاهي هن مهل تائين ڪابه گهربل سار نه لڌي آهي، حڪومتي سطح تي بهتر رهائش، کاڌخوراڪ، صحت ۽ انساني زندگيءَ جي ٻين سهولتن جا انتظام اڻپورا هئڻ سبب برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي اڪثريت سخت پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي، جڏهن ته حڪومتي مشينري هن مهل تائين هزارين ۽ لکين متاثرن جي ڪابه گهربل واهر نه ڪئي، ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ جاکوڙيندڙ مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي پارٽين سان لاڳاپيل سنڌ جي نوجوانن ديدار شام  وقار ملاح  حڪيم قريشي، باغي امير امجد مستوئي، مقصود جهتيال ،امان ﷲ سومرو منصور ابڙو عامر مگسي،قادر پنهور، لونگ ملاح،جبار ڪابورو ۽ ٻين چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب بي گهر پنهنجن سنڌ واسين جي حالتن کي ڏسي اسان جون ننڊون حرام ٿي ويون ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا آهن، اسان پنهنجن سنڌ واسين جي اهڙي حالت هرگز نه ٿا ڏسي سگهون، جو هو برسات ۽ ٻوڏ سبب بي گهر ٿي مٿي ڇانو وڃائڻ بعد هاڻي ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿين، هنن چيو ته سنڌ سرڪار هزارين ۽ لکين متاثرن جي پهرئين ڏينهن کان وٺي هن مهل تائين ڪابه سارسنڀال نه لڌي آهي ۽ نه ئي وري متاثرن کي مٿي ڇانو ڏيڻ لاءِ ڪي گهر بنيادي سهولتون واريون ڪي ايمرجنسي جي بنيادن تي رهائشي ٽينٽ سٽي ٺاهي ۽ متاثرن کي انهن ۾ رهائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست ڪيو آهي، هنن صدر مملڪت، وزيراعظم، وفاقي گهرو وزارت، اين ڊي ايم چيئرمين، سنڌ حڪومت، پ پ قيادت ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ بي گهر ٿيل برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي هن اهم ۽ نازڪ مسئلي طرف ڌيان ڏئي سندن مستقل بنيادن تي واهر ڪئي وڃي ۽ کين کاڌخوراڪ، صحت، سندن ٻارڙن جي تعليم ۽ اجهي توڙي لٽي سميت انساني زندگي جي هر بنيادي سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.