ڪورنگي ۾ بد امني چوٽ چڙهيل، پوليس رڳو دعوائن ۾ پوري

ڪورنگي  (ن ع آ ) ڪورنگي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويذن جي صدر منير مگسي چيو آهي ته ڪورنگي جا شهري چورن ڦورن هٿا فرجن ٿا ۽ ڪورنگي پوليس   منشيات فروشن جي رحم ڪرم تي هلڻ لڳي  پوليس فوٽو سيڪشن ڪري چور ۽ منشيات فروش پڪڙڻ جي دعوائون روز ڪري پئي پر افسوس ڏوھ گهٽ ٿيڻ بدران وڌن پيا پيا 14.ڏينهن اڳ ويٽا چورنگي تي ٻوڏ متاثرن لاء لڳل امدادي ڪئمپ تان عبدالخالق چانڊيو جي ڏينهن ڏٺي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي طارق جتوئي کان مبائيل ڦر ڪئي وئي عوامي آواز  رپورٽر امير جان چانڊيو کان مبائيل ڦر ڪئي وئي  پهرين تاريخن ۾ مزدورن کان تنخوائون ڦر ڪيون وڃن ٿيون اهڙا روز ڪئين واقعا پيش اچن ٿا جيڪي ڪورنگي پوليس جي نا اهلي جو ثبوت ڏين ٿا اسين مطالبو ڪيون ٿا ته ڪورنگي مان منشيات فروشي ۽ بدامني کي ٻجو ڏئي عوام جو ڦريل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻئي صورت ٿاڻن ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو پرامن احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.